بلاول اوٺو

بلاول اوٺو

بلاول اوٺو

بلاول اوٺو: بلاول اوٺو تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ ”خانور اوٺا“ ۾ 20 ڊسمبر 1945ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ماٺيڻو ۽ ذات اوٺو آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. مٺيءَ مان فائنل پاس ڪرڻ بعد، 1966ع ۾ مٺي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1960ع کان 1963ع تائين درزڪو ڪم ڪيائين. 23 جنوري 1946ع تي پرائمري ماستر مقرر ٿيو ۽ 19 ڊسمبر 2005ع تي رٽائر ڪيائين. بلاول شاعريءَ جي شروعات، 1970ع ڌاري ڪئي. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو ”ٿوهر منهنجو من“ ڇپيل آهي، جنهن ۾ ’30‘ کن بندن تي مشتمل ٿر امر نالي سان هڪ ڊگهو نظم موجود آهي، جيڪو ٿر ۽ اتي جي زندگيءَ جو هوبهو عڪس آهي. سندس ٻيو ڪيترو ئي ڪلام اڻ ڇپيل آهي، ان مان هڪ مجموعو ”ڪارونجهر تي آءٌ اڪيلي“ عنوان سان ترتيب ڏنل آهي. هن ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي ”ڏاڏي جو ڪردار“ نالي اوطاق ڪچهري 21 سيپٽمبر 2005ع کان شروع ڪئي، هي نامياري شاعر ماٺيڻي اوٺي جو چاچو آهي ۽ هن وقت ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ خانور اوٺا ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ بلاول اوٺوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو